District Ghotki
ضِلعو گھوٽڪي
تعارف
گھوٽڪي ضلعو سنڌ صوبي جو انڊسٽريل ايريا رکندڙ ضلعو آهي
گھوٽڪي کي 1983ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو جيڪو
ان کان پھريان سکر ضلعي جو تعلقو ھيو
گھوٽڪي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ميرپور ماٿيلو آھي
جتي تمام سرڪاري آفيسون پڻ موجود آهن
گھوٽڪي ضلعو ڪل 6083 اسڪوائر فوٽ تي مشتمل آهي
جنهن جي ٽوٽل آبادي 15.3.2017 بمطابق 16,47239 تائين پھچي وئي آهي
ضلعي گھوٽڪي ۾ لوڪل انڊسٽريل ڪمپنيون پڻ آھن جنھن ۾ اينگرو فرٽيلائيزر ، فوجي فرٽيلائيزر ، اينگرو پاورجن پلانٽ ، او جي ڊي سي ايل گئس فيلڊ ، ٽي.اين.بي. ليبرٽي پاور پلانٽ پڻ آھي
ضلعي گھوٽڪي ۾ ڪپھ جو فصل تمام گهڻو پوکيو ويندو آهي جنھن ڪري ضلعي ۾ ڪاٽن فيڪٽريون تمام گھڻي مقدار ۾ موجود آهن
ان کان علاوه ضلعي ۾ ڪمند جو فصل تمام گهڻو پوکيو وڃي ٿو جنهن ڪري ضلعي ۾ چار شوگر ملز آھن
سردار غلام محمد مھر شگر ملز ولو مھر
جي ڊي ڊبليو شوگر ملز قادرپور
ڏھرڪي شگر ملز ڏھرڪي
ريتي شگر ملز اوٻاوڙو
No comments:
Post a Comment