Sindhi Lyrics Irshad jagirani Dadhiyoon To Tay Tawayoon Aahin
ڏاڍيون تو تي توايون آھن
دل ۾ بڀڙ باھيون آھن
ڪيڏا قول قرار ڪيئي پيار ڏيئي
پيارا پوءِ ڇو ڌار ڪيئي
وڏا مونسان وڌا ٿي وير
توکي ھاڻي وڻن ٿا غير
اڳئي مونکي چاھيندو ھوئين
وڏا ڀاڪر پائيندو ھوئين
ٻانھون ڳچيءَ جا هار ڪيئي
پيار ڏيئي پيارا پوءِ ڇو ڌار ڪيئي
چوندو ھوئين وڏي توسان دل آء
توکان ڌار رھڻ مشڪل آء
مؤلا جا قسم کڻندو ھوئين
مونکي پيارو آنٔ چوندو ھوئين
نئون وڃي پو يار ڪيئي
پيار ڏيئي پيارا پوءِ ڇو ڌار ڪيئي
جاگيراڻي اھو ارشاد
ڏسجانءِ ڏاڍو ايندئي ياد
ڌڪ پنھنجي مٿي کي ھڻندين
ھڪ ڏينھن تون روئندين رڙندين
ويھي ڪون ويچار ڪيئي
پيار ڏيئي پيارا پوءِ ڇو ڌار ڪيئي